اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان افغانستان ۾ پاڪستان جي سفير منصور احمد خان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ اسلام آباد ۽ ڪابل جي وچ ۾ پارلياماني رابطن ۽ ٻطرفي لاڳاپ?? کي فروغ ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستا?? ۽ ??فغانستان ٻئي مذ??بي?? ثقافتي پاڙيسري ۽ تاريخي رشتن ۾ جڙيل آهن، تنهن ڪري ٻنهي ملڪن جا عوامي مفاد ۽ ترقي به گڏيل آهي