اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشيءَ سان بر??انوي هائوس آف لارڊز جي ميمبر لارڊ واجد خ??ن پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دور??ن پاڪستان ۽ بر??انيه وچ ۾ ٻه طرفن ناتن، ڪشمير مسئلي سميت گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. شاهه محمود قريشي بر??انوي هائوس آف لارڊز جو ميمبر چونڊجڻ تي لارڊ واجد خان کي مبارڪون ڏيندي چيو ته پاڪستان بر??انيه س??ن پنهنجن ٻه طرفن ناتن کي وڏي ا??ميت ڏئي ٿو. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستانين جو وڏو انگ بر??انيه ۾ ترسيل آهي جيڪو مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. لارڊ واجد خان ڪورونا عالمي وبائي صورتحال سبب بر??انيه ۽ يورپي ملڪن ۾ ترسيل پاڪستاني بر??دريءَ جي درپيش مسئلن ک??ن پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني بر??دريءَ جي ڀلائي اسان جي حڪومت جي ا??م ترجيحات ۾ شامل آهي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ يورپي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي سياسي، واپاري ۽ ڊگهي مُدي وارن ناتن کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.