اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بدقسمتي سان گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڪستان تي اشرافيه ۽ ايليٽ گروپ قابض رهيا جنهن جي ڪري خطي ۾ اسان جو ملڪ پوئتي رهجي ??يو، 60 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان مٿي وڃي رهيو هو پر ان کانپوءِ اهڙيون حڪومتون آيون جنهن ادا??ن کي ذاتي مقصدن لاءِ استعمال ??ري ملڪ کي نقصان پهچايو، قانون جي عملداري ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي جي ضامن هوندي آهي، قانون جي حڪمراني ۽ انصاف کانسواءِ ڪو به ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، پاڪستان ۾ امير ۽ غريب لاءِ ڌار ڌار ق??نون آهي، وزيراعظم عمران خان جو ڪو به ذاتي ڪاروبار ناهي، هو ملڪ کي ان رخ طرف وٺي وڃي رهيو آهي جنهن جو خواب 1940ع ۾ اسان جي ڏاهن ڏٺو هو، 70 سال جي بگاڙ کي ٺيڪ ڪري رهيا آهيون، تنهن هوندي به پاڪستان کي ترقي يافته ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻ جي ??شن ۾ هر هڪ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، مريم نواز ڪڌا حربا استعمال ??ري احتساب کان نٿي بچي سگهي، کيس گهرجي ته هو قانون جو احترام ڪري ۽ سوالن جا جواب ڏي. نجي ??ي وي چئنل جي ??روگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ کي ماڻهو نه پر ادارا هلائيندا آهن، ماضي جي حڪمرانن ادا??ن کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ??ري کين ڪمزورڪيو ۽ ميرٽ جون ڌڄيون اڏايون، پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن اقتدار ۾ اچي عوام ۽ مڪ جي خدمت بدران ذاتي مفادن کي ترجيح ڏني جنهن جي ڪري اسان جو ملڪ پوئتي هلي ويو، شبلي فراز چيو ته جنهن ملڪ جو وزيراعظم ۽ وزير ڪاروبار ڪندا آهن اهو ملڪ ڪيئن ترقي ڪري سگهي ??و، وزيراعظم عمران خان جو ڪو ذاتي ڪاروبار نه آهي، ان جي ??لوله انگيز قيادت ۾ تحريڪ انصاف حڪومت ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ ۽ ادا??ن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سڌارن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، هن چيو ته اڳوڻين حڪومتن خالي خزاني ۽ ملڪ کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڇڏي ويون هيون، انهن ماڻهن عوام کي صحت، تعليم جي بنيادي ۽ معياري سهولتون فراهم ڪرڻ بدران اهڙا منصوبا لڳايا جنهن مان انهن ڪڪ بيڪس ۽ ڪميشن حاصل ڪيا، موجوده حڪومت اهڙا قدم کڻي رهي آهي جنهن سان هيومن ڊولپمينٽ ٿي سگهي ته جئين هر ڪو ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي،