اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبل?? جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته ملڪ جي معاشي ۽ سماجي ترقي ۾ نوجوان پارل??ام??نٽرين جو ڪردار اهم اهميت رکندڙ سمجهيو ويندو آهي ڇو ته ملڪي آبادي جو وڌيڪ حصو نوجوانن تي مشتمل آهي، نوجوان پنهنجون توانايون استعمال ۾ آڻي ملڪ کي ترق?? جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ينگ پارل??ام??نٽري فورم (وائي پيف ايف)، پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پارلياماني سروسز (پيپس) ۽ پائيدار سماجي ترق?? جي تنظيم (ايس ايس ڊي او) جي وچ ۾ پارل??ام??نٽ هائوس ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن جي تقريب جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو ته ملڪ کي درپيش چئلينجن ج?? حل لاءِ نوجوانن جي شرڪت ضروري آهي، هن چيو ته پائيدار معاشي ۽ سماجي ترقي نوجوانن جي فعال شرڪت جو مطالبو ڪري ٿي، هن چيو ته پي آءِ پي ايس نوجوانن پارل??ام??نٽ ميمبرن جي صلاحيت ۾ اضاف?? جي لاءِ موثر پليٽ فارم مهيا ڪري سگهي ٿو ته جئين ايوان جي ڪارروائي دوران سندن شرڪت کي وڌيڪ معنيٰ خيز بڻائي سگهجي.