اسلام آباد – 17 اپريل (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان چيو آهي ته ڪير به قانون ۽ آئين کان مٿانهون نه آهي، ڪالعدم تحريڪ لبيڪ پاران رياست جي رٽ چئلينج ڪئي وئي ۽ تشدد جو رستو اختيار ڪيو ويو ته دهشتگردي جي خاتمي واري قانون تحت ڪارروائي ڪئي وئي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ??ن چيو ته مون کي پا??ستان ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پا??ستانين کي واضح ڪرڻو آهي ته اسان جي حڪومت رڳو تحريڪ لبيڪ پا??ستان جي خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري قانون تحت ان وقت ڪارروائي ڪئي جڏهن انهن رياست جي عملداري کي چئلينج ڪيو ۽ تشدد جو رستو اختيار ڪ??دي عوام ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملا ڪيا.