اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان سنگل ونڊو ايڪٽ 2021ع ۽ سينيٽ سيڪريٽريٽ سروسز (ترميمي) ايڪٽ 2021ع تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ مان ج??ري بيان موجب پاڪستان سنگل ونڊو ايڪٽ تحت قومي ۽ عالمي واپار ۾ آساني لاءِ خودمختيار ادارو قائم ڪيو ويندو. روانگي واپار، آمدني واپار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ بابت سموريون سهولتون هڪ ئي نظام ۾ ??يس?? هونديون، اد??ري ج?? قيام سان ڪاروب??ري خرچن ۾ گهٽتائي ٿيندي. سرحد پار واپار آسان بڻائڻ ۽ سامان جي تيز ترين پهچ ۾ مدد ملندي. اد??ري ج?? قيام سان ڊيٽا جي وقت سر پراسيسنگ ۽ معي??ري خدمتن جي فراهمي ۾ بهتري ا??ندي، اداره گورننگ ڪائونسل ۽ سيڪريٽريٽ تي ٻڌل هوندو، سينيٽ سروسز ايڪٽ تحت سينيٽ سيڪريٽريٽ جي گريڊ 17 ۾ مقرري فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي ٿيندي، گريڊ هڪ کان 16 جي مقرري جو مجاز سينيٽ سيڪريٽريٽ هوندو، ڊيپوٽيشن تي آيل آفيسر سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ ضم نه ٿي سگهندا.