اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مصنوعي ذهانت جي اخلاقي استعمال، ڊيٽا جي حفاظت کي يقيني بڻا??ڻ ۽ پاڪستان جي اعليٰ تعليمي ادارن سان علم ۽ مهارت جي آن لائين ۽ کلي حصيداري تي زور ڏيندي چيو آهي ته نالي??ار?? عالمي يونيورسٽين سان حصيداري ۽ تعاون سان پاڪستاني شاگردن جي صلاحيتن کي عالمي معيار موجب بڻائڻ ۾ مدد ملندي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار يونيورسٽي آف آڪسفور?? پاڪستان پروگرام جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته آڪسفورڊ جهڙن عالمي ادارن ۾ پاڪستاني شاگردن جي نمائندگي انهن کي پنهنجا خيال بهتر بڻائڻ، تعليمي هدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي. صدر چيو ته اهڙي طرح جي تعاون ۾ فيڪلٽي ۽ شاگردن جي مٽاسٽا، هڪ ٻئي جي تعليم?? پاليسين ۽ قدمن بابت معلومات ۽ تجربن جي مٽاسٽا، سيمينارز ۽ ڪانفرنسون منعقد ڪرڻ ۽ عملي جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ مختصر مدي جي تربيتي ماڊيولز جي منصوبابندي ۽ عملدارن جا گڏيل دورا شامل آهن. صدر چيو ته يونيورسٽي آف آڪسفورڊ ۽ پاڪستاني ادارن جي وچ ۾ مضبوط، پائيدار ۽ بامعنيٰ رابطن کي فروغ ڏيڻو پوندو، هائير ايجوڪيشن ڪميشن پنهنجي آن لائين تعليم?? پاليسي جو اعلان ڪيو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آن لائين ۽ هائبرڊ تعليمي نظام سان شاگردن جي انگ ۾ اضافو ڪري سگهبو. صدر آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ پاڪستان بابت مختلف سرگرمين تي آڪسفور?? پاڪستان پروگرام کي ساراهيو، پروگرام آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ پاڪستاني ۽ برٽش پاڪستاني شاگردن جي نمائندگي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ان موقعي تي صدر کي ٻڌايو ويو ته آڪسفور?? پاڪستان پروگرام اسڪالرشپ ۽ ريسرچ گرانٽس فراهم ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستاني فيلو پروگرام جي شروعات سان آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ پاڪستان جي نمائندگي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. صدر کي ٻڌايو ويو ته آڪسفور?? پاڪستان پروگرام سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ پنجاب سان تعلق رکندڙ معاشي طور تي پٺتي پيل شاگردن کي ترجيحي بنيادن تي وظيفا ڏيڻ ج?? طريقا ۽ ذريعا ڳوليندو ته جيئن صنعتي توازن ۽ شموليت کي يقيني بڻائي سگهجي.