اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٿ??ليسيميا جي مرض جي وقت سر سڃاڻپ احتياطي تدبيرن ۽ علاج تي زور ڏيندي چيو آهي ته ميڊيا ۽ مسجدن جي ذريعي معاشري ۾ آگاهي پيدا ڪري ان مرض کي پکڙجڻ کان روڪي سگهجي ٿ??، ٿيليسيميا جي روڪٿام لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻا پوندا، صحت جي شعبي کي وزيراعظم جي ترجيحن ۾ اولين حيثيت حاصل آهي، صحت جي بجيٽ کي وڌايو ويو آهي، پاڪستان کي ??رسبز ۽ ??اف بڻائڻ لاءِ هر شخص کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپندي ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ 14 هين نيشنل ٿيليسيميا ڪ??نف??نس اينڊ ورڪشاپ کي ??طاب ڪندي ڪيو.