اسلام آباد – 10 مارچ (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ع??لمي سطح تي سوچ ۾ ??بد??لي اچي رهي آهي، نيوٽريشن، موسمياتي ??بد??لي ۽ هيلٿ ڪيئر جي شعبي ۾ چئلينجز درپيش آهن، محدود وسيلن ۾ رهندي عوام جي ڀلائي حڪومت جي ذميواري هوندي آهي، مواصلاتي رابطن ۽ معلومات جي مٽاسٽا ۾ اضافي سان صورتحال ??بد??ل ٿي رهي آهي، ڪرونا وا??رس جي روڪٿام لاءِ گڏيل ڪوششون گهربل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ برطانيا مان آيل سائنسدانن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو.