اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حڪومت وڏن شهرن ۾ شاپنگ مالز کولڻ ۽ 20 مئي کان ٽرينون هلائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، شاپنگ مالز ۽ بازارن ۾ سماجي ??اص??ي تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ گهرجي، ڪورونا وبا کان بچڻ جي لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو، ڪاروباري طبقي جي سهولت لاءِ عيد جي ڏينهن ۾ به صنعتون هلائڻ جي اجازت هوندي، اسان ک?? ڪورونا سان گڏوگڏ بک جو به مقابلو ڪرڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪند?? ڪيو.