اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا جي وبا سان معاشري جو ڪمزور ۽ پورهيت طبقو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو، انهن جي تحفظ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻي پوندي، پاڪستان ڪرفيو ۽ مڪمل لاڪ ڊائون بدران سما??ٽ لاڪ ڊائون جو طريقو اختيار ڪيو ۽ تعميرات ۽ زرعي شعبن کي ک??ليو، غيررسمي معيشت سان واڳيل پورهيت طبقي ک?? روڪ ??مداد فراهم ڪئي، وڏي انگ ۾ اسان جا ورڪر?? ٻين ملڪن ۾ ڪم ڪن ٿا ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جو ناڻو ڪمائين ٿا، اسان کي وڏن ملڪن کي ان مسئلي تي قا??ل ڪرڻو پوندو ته اهي پورهيت طبقي سان همدرداڻو رويو اختيار ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (آءِ ايل او) جي اهتمام هيٺ 5 ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس کي وڊيو ڪانفرنس ذريعي خطاب ڪندي ڪيو.