اسلام آباد – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي هوائي سفر تي لاڳو ??ڏي?? بندشن جي باوجود اسان ٻاهرئين ملڪ ڦاٿل پنهنجي شهرين ۽ ٻاهرئين ملڪ ڪم ڪندڙ پاڪستانين کي وطن واپس آڻڻ جو واعدو پورو ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ پي??ام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته مشڪلاتن جي باوجود سڄي دنيا مان 250000 پاڪستاني وطن واپس آندا ويا. هن ا?? عزم جو اظهار ڪيو ته سندس حڪومت سمنڊ پار پاڪستانين جي هر ممڪن انداز ۾ مدد جو سلسلو جاري رکندي.