اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري ڪرسمس جي پرمسرت موقعي تي پاڪستان ۾ رهندڙ مسيحي ب??اد??ي ۽ مسيحي ب??اد??ي سا?? تعلق رکندڙ پارليامينٽ جي ميمبرن کي ڪرسمس جو?? مبارڪون ڏنيون آهن جيڪو هر سا?? حضرت عيسيٰ جي يوم پيدائش جي موقعي تي سڄي دنيا ۾ عقيدت ۽ احترام سا?? ملهايو ويندو آهي. ان موقعي تي اسپيڪر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته الله تعاليٰ حضرت عيسيٰ کي محبت، امن، برداشت ۽ ڀائيچاري جي تبليغ لاءِ موڪليو هو. هن چيو ته مسلمان حضرت عيسيٰ عليه السلام کي الله تعاليٰ جو پيغمبر مڃيندا آهن ۽ دل سا?? ان جي تعظيم ۽ احترام ڪندا آهن. هن چيو ته ڪرسمس جو ڏينهن اسان کي نئين اميدون ۽ منصوبن جي شروعات، تحقيقي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ، تڪرارن جي حل ۽ ا??ندڙ نسلن جي بهتر مستقبل جي لاءِ امن ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جو درس ڏي ٿو