ساهيوال – 29 – جنوري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان ساهيوال ۾ صحت، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ ٻين ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. ڪالهه جمعي ڏينهن وز??راعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وز??راعظم ڊسٽرڪٽ هيدڪوارٽر اسپتال ساهيوال ۾ عالمي معيار جي ڪارڊيالاجي ۽ ڪارڊيڪ سرجري بلاڪ جي پيڙهه جو پٿر پڻ رک??و. ??ئين بلاڪ جي تعمير سان ساهيوال جي ماڻهن کي مقامي سطح تي عالمي معيار جي علاج جي سهولت ملي سگهندي. ان کانسواءِ وز??راعظم عمران خان سالڊ ويسٽ سيگريگيشن، ٽريٽمينٽ ڊسپوزل منصوبي جو افتتاح ڪيو. ان منصوبي تحت ڪچرو گڏ ڪرڻ کان??وء?? ان کي مختلف درجن ۾ ورهائي بهتر طريقي سان تلف ڪري سگهبو، ان سان گڏوگڏ هن ساهيوال ۾ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ اڪيڊمي جو پڻ پيڙهه جو پٿر رکيو. ان کانسواءِ وز??راعظم پاڪپتن ۾ بابا فريدالدين گنج شڪر جي دربار ويجهو قائم ڪيل لنگرخاني ”سرائي قطب“ جو پڻ افتتاح ڪ??و. ??ن ان موقعي تي ساهيوال ۾ پنجاب انٽرميڊيئٽ سٽيز امپروومينٽ انويسٽمينٽ پروگرام تحت صاف پاڻي، پاڻي جي نيڪالي ۽ ماحولياتي درستگي، پارڪ?? جي تعمير جي لاءِ 18 ارب رپين جي ماليت جي منصوبن جو پڻ پيڙهه جو پٿر رکيو.