رياض -25 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت مسجد اقصيٰ ۾ قابض اسرائ??لي فوج جي سرپرستي ۾ هڪ انتهاپسند گروهه طرفان لڳاتار شر انگيز ڪارروائين جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪئي آهي، سعودي خابرو اداري مطابق پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ اسرائيل جي اختيارين طرفان ڪيل اهڙن قدمن ??ي افسوس جو اظهار ڪيو، جي??ي امن قائم ڪرڻ لاءِ عالمي ڪوششن ک?? نقصان پهچائي رهيا آهن ۽ مذهبي تقدس جي احترام باب?? عالمي اصولن ۽ قدرن جي ابتڙ آهن. پرڏيهي وزارت فلسطين جي عوام جي حمايت ۽ فلسطين جي علائقن ??ي اسرائيل جو قبضو ختم ڪرڻ جي سمورين ڪوششن جي حوالي سان سعودي عرب جي ٺوس موقف جو ورجاءُ ڪيو.