اسلام آ??اد – 08 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته گهرو وزارت کي نواز شريف جو نالو اي سي ايل م??ن ڪڍڻ جي درخواست ملي آهي، نواز شريف جي ڪيس ۾ نيب فريادي آهي، ان لاءِ لاڳاپيل عملدارن جي راءِ ورتي وئي آهي، سرڪاري ميڊيڪل بورڊ کان به نواز شريف جي صحت بابت راءِ ??لب ڪئي وئي آهي. هو خطاطي جي نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائي رهي هئي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيراعظم عمران خان هر ڀيري واضح ڪيو آهي ته نواز شريف کي عدالت طبي بنيادن تي ضمانت ڏني آهي، سياست پنهنجي جاءِ انساني همدردي پنهنجي جاءِ تي آهي، نواز شريف جي صحت جي حوالي س??ن ڪا سياست نه ڪئي ويندي.