اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڱاري ڏينهن شروع ٿيندڙ پناهگيرن بابت پهرين عالمي فورم (جي آر ايف) ۾ شرڪت ڪندو. سومر ڏينهن وزيراعظم ميڊيا آفيس طرفان جاري بيان موجب پناهگيرن بابت گڏيل قوم?? جي هاءِ ڪمشنر (يو اين ايڇ سي آر) ۽ سوئٽزرلينڊ جي حڪومت جي آر ايف جي گڏيل مي??با??ي ڪري رهيا آهن. وزيراعظم عمران خان کي ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان ۽ ڪوسٽاريڪا، ايٿوپيا ۽ جرمني جي اڳواڻن سان پناهگير?? جي ڀلائي، ترقي ۽ تحف?? جي لاءِ پنهنجي مثالي ڪر??ار سبب فورم جي گڏيل صدارت جي دعوت ڏني آهي.