اسلام آباد – 06 آگ??ٽ (اي پي پي) پ??ڏي??ي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ جي لاءِ قانونسازي ۾ ۽ ڪشمير مسئ??ي تي هڪ جهڙو موقف اختيار ڪري ذميواراڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر هن ايوان ۾ ايف اي ٽي ايف تي قانونسازي ۽ ڪشمير جي معام??ي تي ذميواري جو مظاهرو ڪيو. ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪرڻ جي لاءِ هي قانونسازي ضروري هئي. گري لسٽ جو تحفو ورثي ۾ مليو. جون 2016ع ۾ پاڪستان گري لسٽ ۾ وڃي چڪو هو جڏهن ته ان مان نڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيو. ڀارت پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ ڌڪڻ چاهيندو هو. اسان ڀارتي ارادا ناڪام بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون. ايف اي ٽي ايف جي اجلاس ۾ پاڪستان پاران اڳڀرائي جو اعتراف ڪيو ويو جڏهن ته وڌيڪ قانونسازي ايف اي ٽي ايف جي ضرورت هئي. ان قانونسازي ۾ پاڪستان مسلم ليگ ۽ اپوزيشن جيڪو ڪردار ادا ڪيو، مثبت قدم کنيو اها خوش آئنده ڳاله?? آهي. جمهوريت جي ارتقا جي عڪاسي آهي. ڪجهه پارٽيون سياسي مفادن ۽ تنگ نظري کان مٿانهون ٿي ان جو ساٿ ڏين ها ته ان جو نقصان نه ٿئي ها ملڪ کي فائدو ٿئي ها. ڪشمير تڪرار تي ڪا ٻي راءِ ن?? آهي. سمورين حڪومتن ڪشمير مسئ??ي تي هڪ جهڙائي ڏيکاري. سياسي سوچ جدا هجڻ جي باوجود سينيٽ ۽ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ متفقه قرارداد پيش ڪئي وئي. اهو انهن ڪشميرين جي لاءِ پيغام آهي هو جيڪي اميد ڪن ٿا ته درد ۽ ڪرڀ جي ان صورتحال ۾ پاڪستاني عوام انهن سان گڏ بيٺل هوندي.