اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته شمسي توانائي ۽ قابل تجديد توانائي جي منصوبن سان بلوچستان جي بج??ي جي ضرورت پوري ٿي سگهي ٿي، بلوچستان ۾ قابل تجديد توانائي جي منصوبن لاءِ خصوصي مراعتون ڏنيون وينديون. توانائي واري وفاقي وزير ع??ر ايوب سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ سينيٽ چيئرمين بلوچستان ۾ توانائي بابت منصوبن ۽ بلوچستان ۾ بج??ي جي فراهمي جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان هدايتون ڏنيون، سينيٽ چيئرمين چيو ته بلوچستان هڪ وڏو صوبو آهي، بج??ي ورڇ جي نظام کي بهتر بڻائڻو پوندو، بلوچستان جي ضلعن چاغي، لسٻيله، آواران، وشوڪ، گوادر وغيره لاءِ ڌار بج??ي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپني ٺاهڻ جي ضرورت آهي.