لاهور 20- سيپٽمبر (اي پي پي)وزيراعظم جي خاص صلاحڪار ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته اي پي سي جو مطلب آل پا??ست??ن لٽ مار ڪميٽي ۽ قوم جي لٽيل رقم کي بچائڻ لاءِ ڪرپٽ اشرافيه جو ڳٺ جوڙ آهي. جڏهن سڀئي چور گڏ ٿي وڃن ته سمجهي ڇڏيو ته ڪو ايماندار ٿاڻيدار اچي ويو آهي. هڪ ڀيرو ٻيهر آل پا??ست??ن لٽ مار ايسوسيئيشن گڏ ٿي رهي آهي، اربين ??پين ??ي مني لانڊرنگ ڪرڻ سان اپوزيشن جي اُڃ ناهي ختم ٿي، ماضيءَ ۾ مخالف ڌر جون اهي پارٽيون هڪ ٻئي خلاف ڇا نه چونديون رهيون آهن؟ اپوزيشن وارا گڏجي صرف اين ??ر او گهري رهيا آهن، مخالف ڌر جيتريون به چاهي اي پي سي ڪري جنهن جي دل چوي خطاب ڪري پر مخالف ڌر لاءِ اهو پيغام آهي ته انهن کي اين ??ر او نه ملندو. وزيراعظم عمران خان اين ??ر او نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ته اهي ماڻهو اي پي سي ڪري رهيا آهن. آصف علي زرداري کي علي بابا چاليس چور چوڻ وارو شهباز شريف هاڻي پاڻ ئي ايڪتاليهون چور بڻجي ڪرسي لاءِ وڃي رهيو آهي، ته ڪٿي ان تي مريم نواز نه ويهي رهي. اهڙو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ صحافين ??ان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اپوزيشن جي ٻن سالن ۾ اها پنجين ويهڪ آهي، اڄ تائين ??سان اپوزيشن ??ي مختصر عرصي ۾ ايتريون اي پي سيز ناهن ڏٺيون. هن چيو ته موجوده اپوزيشن جو نظريو بنيادي طور تي ڪوڙ تي ٻڌل آهي. جيڪڏهن انهن کان حساب وٺون ٿا ته چون ٿا اسان کان سياسي انتقام ورتو پيو وڃي. هن چيو ته اي پي سي جي لسٽ ۾ انهن ماڻهن جا نالا، انهن جي ڪرپشن سبب داخل آهن جيڪو وڌي?? ڪرپٽ آهي. ان جو نالو سڀ کان مٿي آهي. هن چيو ته سياست ۾ نئون آيل بلاول جنهن جون پنجاب ۾ ڪ??هه سيٽون آهن اڄ شهباز شريف پنهنجي خاندان سميت ان جي بارگاهه ۾ حاضر آهي ۽ اتي وڃي اين ??ر او گهري رهيو آهي. هن چيو ته پهرين ??نهن ايف اي ٽي ايف ??ي معاملي تي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. شهباز شريف ۽ ٻين چورن جي آمدني ۾ ايترو اضافو ٿي چڪو اهي جو ڏسي ڪري عقل دنگ رهجي ويندي آهي ۽ هاڻي انهن کي احتساب جي نالي کان خوف اچي رهيو آهي.