اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ??لڪ دشمن عنصر پاڪ فوج کي ڪمزور ڪرڻ جي لا??ِ پروپئگنڊه ڪري رهيا آهن، فوج نه هجي ها ته پاڪستان جو حال به عراق، افغانستان، يمن ۽ شام سميت ٻين مسلمان ملڪن وانگر هجي ها، اڳوڻين حڪومتن عوام جي ڏنل م??نڊ??ٽ سان کليل بدديانتي ڪئي، ادارن ۾ پنهنجي پسند جي ماڻهن کي ويهاري اهڙو نيٽ ورڪ ٺاهيو جيڪو بدعنوانين ۾ انهن جي لا??ِ سهولتڪاري ڪندو هو، ??لڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ بدران اهي ماڻهو پنهنجو پاڻ کي اڳتي وٺي ويا. پي ٽي وي جي پروگرام ۾ خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته جنهن ??لڪ جو وزيراعظم ۽ ان جي سڄي فيملي ڪاروبار ڪندي هجي اهو ڪيئن ترقي ڪري سگهي ٿو، اڳوڻين حڪومتن تعليم ۽ صحت جي شعبن سميت عوام جي ڀلائي جي لا??ِ ڪو ڪم نه ڪيو.