اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان ۾ ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊڪشن جي شعبي کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ هڪ ٺوس ايڪشن پلان تيار ڪرڻ جي ل??ءِ وزيراعظم پاران جوڙيل ڪميٽي جي پنجين اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ شعبي جي آئوٽ لڪ کي بهتر بڻائڻ جي ل??ءِ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا. ڪميٽي هڪ اصولي معاهدي تي اتفاق ڪيو جنهن جو مقصد ڊگهي انتظار کانپوءِ فريم ورڪ قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (ايڪنيڪ) کي جمع ڪرايو ويندو ته جيئن غيرمتختص گئس جي ڪاٿي جو 35 سيڪڙو ٽئين ڌر جي خريدارن کي وڪرو ڪري سگهجي. بيان موجب ڪميٽي ڊسمبر 2024ع تائين دستياب آن شور ايڪسپلوريشن بلاڪس جي ل??ءِ بِڊنگ رائونڊ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ٻوليءَ جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 15 مارچ 2025ع مقرر ڪئي وئي آهي، آف شور ايڪسپلوريشن بلاڪس جي ل??ءِ ٻوليءَ جو هڪ جدا عمل شروع ڪيو ويندو، جنهن ۾ امڪاني ٻوليءَ ڏيندڙن کي پيش ڪيل بلاڪس جو جائزو وٺڻ ۽ 30 جون 2025ع تائين ٻوليءَ جي ل??ءِ ڇهن مهينن جي مدي جي اجازت هوند??. ڪ??يٽي کي ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف پيٽروليم ڪنسيشنز (ڊي جي پي سي) جي ڊيجيٽلائيزيشن جي جاري ڪوششن بابت پن اپ ڊيٽ ڪيو ويو جنهن سان آپريشنز کي هموار ڪيو ويندو ۽ ان شعبي ۾ ڪارڪردگي ۾ اضافو ٿيندو. ڪميٽي کي هڪ ٺوس انرجي ماڊلنگ اسٽڊي جي شروعات بابت آگاهه ڪيو ويو جيڪو عالمي سطح تي مڃيل ڪنسلٽنٽس جي ذريعي ڪرايو پيو وڃي، اهو پاڪستان جي انرجي مڪس ۾ تيل، گئس ۽ ايل پي جي جي ڪردار تي ڌيان ڏيندو، طلب ۽ پهچ بابت بصيرت فراهم ڪندو ۽ گئس مارڪيٽ جو هڪ جامع ماڊل تيار ڪندو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان مطالعي جا نتيجا جنهن سان ترجيحي شعبن جي ل??ءِ گئس جي فراهمي جي انتظام بابت پاليسي فيصلن کان آگاهه ڪرڻ جي توقع آهي جنوري 2025ع ۾ ٿيندڙ هڪ مسودو رپو??ٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. ڪميٽي ماهوار ٽ?? ماهي بنيادن تي گئس جي وڪري جي قيمتن تي نظرثاني جي تجويز تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئ??. ڪ??يٽي تفصيلي غور فڪر کانپوءِ پيٽروليم ڊويزن کي هدايت ڪئي ته تجويز جو وڌيڪ تجز??و ڪري ان کي ايندڙ اجلاس ۾ ٻيهر پيش ڪيو وڃ??. ڪ??يٽي ايڪسپلوريشن ۽ پروڊڪشن ڪمپنين کي درپيش سيڪيورٽي چئلينجز تي پڻ ڳالهه ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان جي انرجي سيڪيورٽي جي ل??ءِ اي اينڊ پي سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ فول پروف سيڪيورٽي جي فراهمي انتهائي اهميت رکندڙ آه??. ڪ??يٽي جي ڪجهه ميمبرن جي عدم موجدوگي جي ڪري ڪميٽي جي ٽرمز آف ريفرنس ۾ بيان ڪيل باقي آئٽمز تي غور ڪرڻ جي ل??ءِ ٻيهر اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.