اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته زرعي شعبي جي تر??ي حڪومت جي اولين ترجيح آهي تنهن ڪري حڪومت آبادگارن جي سهولتڪاري جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي، ڪورونا جي وبا جي ڪري مشڪل معا??ي صورتحال جي باوجود حڪومت زرعي شعبي جي ترقي لاءِ 50 ارب جو پيڪيج ڏنو آهي، ان ڳالهه جو اظهار هن آبادگار اتحاد جي وفد سان ملاقات ۾ ڪيو آهي.