اسلام آباد – 24 جولاءِ (??ي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان هراسيت جي روڪٿام بابت وفاقي محتسب ڪشمالا طارق ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي ۽ صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ ل??ءِ اداري جي ڪردار جي باري ۾ بريفنگ ڏني. صدر کي بريفنگ ڏيندي هراسيت جي روڪٿام بابت وفاقي محتسب ڪشمالا طارق چيو ته وفاقي محتسب جلد انصاف فراهم ڪيو ?? 93 سيڪڙو رجسٽرڊ ڪيس اڪلايا ويا آهن، محتسب سيمينارز ۽ پريس ڪانفرنسن ??ي انعقاد سان آگاهي پيدا ڪئي، صدر ماڻهن کي تيز تر ۽ سستي انصاف جي فراهمي ۾ اداري جي ڪردار کي ساراهيو.