اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان اڳوڻي پارلياماني سيڪريٽري خليل جارج جي سربراهي ۾ اقليتي بر??دري جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خليل جارج، سردار رنجيت سنگهه، ولسن وزير ۽ اقليتي بر??دري جا ٻيا ميمبر شريڪ هئا. ان موقعي ت?? صدر چيو ته پاڪستان ۾ اقليتي بر??دري کي بر??بر شهري حق حاصل آهن، حڪومت اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڀارت ۾ اقليتن کي رياستي دهشتگردي درپيش آهي. ان موقعي ت?? ڳالهائيندي خليل جارج چيو ته اقليتي بر??دري هر فورم تي اقليتن جي خلاف ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي ظلمن کي اجاگر ڪندي ت?? جيئن ڀارت جو اصل چهرو بي نقاب ٿي سگهي. سردار رنجيت سنگهه چيو ته ڪرتارپور لنگهه کولڻ تي سک بر??دري پاڪستان جي حڪومت جي ت??ام گهڻي ٿورائتي آهي.