اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته عدالت کي گهربل جوابدار نواز شريف کي برطانيه کان واپس آڻڻ جي لاءِ قانوني ۽ سفارتي ذريعا استعمال ڪري رهيا آهيون، 15 جنوري 2021ع تائين محمد نواز شريف ڪوٽ لکپت يا ڪنهن ٻي جيل ۾ هوندو، ڪرپشن زده مخالف ڌر جي ??صل جاءِ جيل آهي، سنڌ واقعو هڪ ڊرامو آهي، حقيقت ۾ ن ليگ ۽ پيپلزپا??ٽي پاڻ ۾ گيم ڪري رهيون آهن، ڪيپٽن صفدر گرفتاري جي وڊيو فوٽيج س??ڌ حڪومت ۽ مسلم ليگ (ن) جي ڪيترن ئي دعوائن ۽ سفيد ڪوڙ تي پاڻي ڦيري ڇڏيو، دروازو ٽوڙڻ، ڇڪتاڻ يا زبردستي ڪٿي به نظر نه آئي، انهن جي ??ياست ختم ٿي وئي، مسلم ليگ ن ورهائجي ??هي آهي، رٽائرڊ ڪيپٽن محمد صفدر جي گرفتاري س??ڌ حڪومت ۽ پوليس جو معاملو آهي، پيپلزپا??ٽي جو ڪردار ڄاڻون ٿا، 18 هين ترميم جو مقصد به واضح ٿي چڪو آهي ته اهو وفاق کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا، پيپلزپا??ٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي ??ياست ڪوڙ، منافقت ۽ رياڪاري تي ٻڌل آهي، مريم نواز جي چهري تي اڄ پريشاني ۽ بوکلائٽ جو آثار نمايان هئا. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو، وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته ميڊيا چئنلز تي ڪراچي ۾ رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري جي ??ي سي ٽي وي فوٽيج نشر ٿي آهي، ان فوٽيج ۾ انهن جي ??عويٰ موجب ٽٽل دروازو نه ڏيکاريو ويو، فوٽيج موجب محمد صفدر اطمينان سان پوليس جي ??راست ۾ هو، مريم صفدر جي ??وارين ڪيترائي ڀير چادر ۽ چارديواري جي ??حفظ جو ذڪر ڪيو، اهي ماڻهو وساري ويٺا آهن ته هنن پنهنجي ??ور ۾ ماڊل ٽائون واقعي ۾ عورتن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو، انهن ماڻهن طرفان محترمه بينظير ڀٽو جي ڪردار ڪشي سان سڀ واقف آهن.