اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. پاور ڊويزن گردشي قرضن جي تازه ترين صورتحال جي باري ۾ آگاهه ڪيو، ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته گردشي قرضن ۾ اضافو روڪڻ لاءِ گردشي قرض جي انتظام و انصرام جي منصوبي تي عملدرآمد جو آغاز ڪيو ويو آهي. توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽ??لي مواصلات بجلي کان ميٽر ليس سمارٽ ميٽرنگ سسٽم جي باري ۾ پيش ڪيل تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ڪميٽي پاور ڊويزن ?? آءِ ٽي اينڊ ٽيلي مواصلات کي ه??ايت ڪئي ته هو تجويز ڪيل ڊزائين تي وڌيڪ خيالن جي ڏي وٺ ڪن ۽ ڪميٽي کي گڏيل تجويزون پيش ڪن، پيٽروليم ڊويزن بلوچستان صوبي ۾ صنعتي گئس ڪنيڪشن جي عمل کي آسان بڻائڻ جي لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي تجويز پيش ڪئي، ڪابينا ڪميٽي تجويز ڪيل ڪميٽي جي منظوري ڏني ۽ هدايت ڪئي ته ان جون سفارشو?? هڪ مهيني ۾ ڪميٽي کي پيش ڪيون وڃن.