پشاور – 13 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم ??مر??ن خان سينيٽ اليڪشن ۾ ووٽ جي وڪري کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، سينيٽ چونڊون شفاف ڪرائڻ تي مخ??لف ڌر جو احتجاج سمجهه کان مٿي آهي، مخ??لف ڌر پراڻو پاڪستان چاهي ٿي، جتي ضمير وڪرو ڪيا وڃن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن صوبائي اليڪشن ڪميشن ۾ سينيٽ چو??ڊن جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته حڪومت هڪ ٺوس طريقيڪار جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن ڪو به مستقبل ۾ چو??ڊن جي نتيجن جي ساک ۽ غيرجانبداري تي آڱر کڻڻ جي جرئت نه ڪري سگهي. هن چيو ته آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف اليڪشن جمهوريت کي وڌڻ ويجهڻ ۽ جمهوري ادارن کي مضبوط بڻائڻ جو اخلاقي بنياد مهيا ڪري ٿي ۽ حڪومت جا چونڊ سڌارا سينيٽ چو??ڊن سميت چو??ڊن جي ساک، غيرجانبداري ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪن ٿا. هن چيو ته چونڊ سڌارا آڻڻ جي لاءِ حڪومت جي ڪوششن جي حمايت ڪرڻ بدران مخ??لف ڌر سينيٽ چو??ڊن ۾ کليل راءِ شماري جي مخ??لفت ڪري رڪاوٽون پيدا ڪري رهي آهي، جيڪو چونڊ عمل دوران هارس ٽريڊنگ ۽ بدعنواني جي حوصلا افزائي ڪرڻ جي برابر آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ پي ايم ايل (ن) سميت مخ??لف ڌر جون پارٽيون جن 2008ع ۽ 2013ع جي چو??ڊن کانپوءِ 10 سالن تائين ملڪ تي حڪمراني ڪئي، سينيٽ چو??ڊن دوران هارس ٽريڊنگ، بدعنواني ۽ وڪري ۽ ووٽ جي خريداري لاءِ چونڊ سڌارن جي لاءِ ڪو طريقيڪار تيار ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته مخ??لف ڌر اڃا به چونڊ سڌارن جي خلاف ڪم ڪري رهي آهي جن جو مقصد سينيٽ چو??ڊن ۾ بدعنواني، ووٽن جي خريد ۽ وڪري ۽ هارس ٽريڊنگ جي امڪانن کي ختم ڪرڻ آهي جنهن جو ماضي ۾ مشاهدو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته حڪومت بدعنواني ۽ هارس ٽريڊنگ جي خاتمي لاءِ سينيٽ چو??ڊن دوران مخ??لف ڌر کي اوپن بيلٽنگ جي آڇ ڪئي آهي پر ان اهم قانونسازي جي خلاف مخ??لف ڌر جو ردعمل افسوس جوڳو آهي. هن چيو ته آئون هڪ سوال پڇان ٿو ته پارليامينٽ يا صوبائي اسيمبلي ۾ ڪجهه ميمبرن جي نمائندگي رکندڙ سياسي پارٽي سينيٽ چو??ڊن ۾ ڪيئن هڪ سيٽ کي محفوظ بڻائيندي، مخ??لف ڌر ماضي مان سبق ناهي ??کيو ۽ سينيٽ چو??ڊن ۾ سياسي وفاداري خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي.