سيالڪوٽ – 21 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ملڪ ۾ شفاف چونڊن جي لاءِ حڪومت ال??ڪٽرانڪ ووٽنگ طرف وڃي رهي آهي، ملڪ ۾ شفافيت آڻيندڙ وزيراعظم جي خلاف سڀ چور گڏ ٿي ويا آهن، پاڪستان تحريڪ انصاف جو ڊسڪه مان اميدوار علي اسجد ملهي ال??ڪشن کٽي چڪو آهي، ال??ڪشن ڪميشن کي گهرجي ته اها فوري طور تي چونڊ نتيجن جو اعلان ڪر??، ڊسڪه جي عوام نواز شريف جي بيانيي، ڌوئنس، پئسي جي سياست کي سدائين جي لاءِ دفن ڪر?? ڇڏيو آهي، (ن) ليگي قيادت جي هڪ مهيني جون ڳالهيون ٻڌو ته ان ۾ واضح طور تي ان ڳالهه جو اظهار ڪيو آهي ته اسان ال??ڪشن بندوق سان کٽينداسين. هو ڊسڪ?? ۾ ??ائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، عثمان ڊار ۽ علي اسجد ملهي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪر?? رهيو هو. سينيٽر شبلي فراز وزيرن سان گڏ پي ٽي آءِ جي فوت ٿيندڙ ڪارڪنن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي اسان هتي آيا آهيون، سوڳوار خاندان سان همدردي جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ آيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) سدائين ڌوئنس، پئسي، غنڊه گردي، قتل غارت جي سياست ڪئي آهي، هن ال??ڪشن ۾ به انهن پنهنجي اسپيشلسٽ ماڻهن جن ۾ راڻا ثناءُ ال??ه، جاويد لطيف ۽ ٻين کي ڊسڪه انهي مقصد جي لاءِ موڪليو آهي. هن چيو ته اڄ ڊسڪ?? ۾ ??قرير ۾ واڳون وارا ڳوڙها وهندي ڏسي ماڊل ٽائون واقعو ياد اچي ويو جنهن ۾ ٻارن، عورتن ۽ بزرگن تي گوليون هلايون ويون، ماڊل ٽائون تي حملو راڻا ثناءُ ال??ه جي سربراهي ۾ ڪيو ويو آهي، ال??ڪشن کي آلوده ۽ ماڻهن کي ڊيڄارڻ جي لاءِ اهي قدم کنيا ويا. هن چيو ته ايتري ڪاوڙ ۽ دهشتگردي ان لاءِ آهي ته نواز شريف جي بيانيي کي شڪست ٿي رهي آهي، وزيرآباد جي ال??ڪشن، 2018ع جي ال??ڪشن جي نتيجن سميت هر ال??ڪشن ۾ هزارين ووٽن جو فرق آهي. هن چيو ته ڊسڪه ۾ (ن) ليگ 40 هزار جي ليڊ کنئي هئي ۽ اڄ ال??ڪشن هارائي رهيا آهن، انهن جي پيرن هيٺان زمين نڪري رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جو بيانيو، نئين پاڪستان ۽ تبديلي جو انهن کي ڊپ آهي، پي ٽي آءِ ائين ئي کٽيندي رهي ته انهن جي سياسي هڪ هٺي جو خاتمو ٿيندو.