اسلام آباد – 25 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي سياست جو بنياد تبديلي جي نعري تي رکيو، سندس خواب هڪ جديد اسلامي فلاحي رياست قائم ڪرڻ آهي، اڄ به تحريڪ انصاف مڊل ڪلاس ۽ لوئ?? مڊل ڪلاس جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي، عوام جي اميد آهي ته جيڪڏهن ڪير انصاف ڏئي سگهي ٿو ته اها صرف ت??ريڪ انصاف آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي يوم تاسيس جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چئي.