اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر ملاقات ڪئي. وزيراعظم هائوس جي ميڊيا آفيس پاران جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ روشن ڊجيٽل اڪائونٽ جي حوالي ??ان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر وزيراعظم کي ٻڌايو ته سندس سعودي عرب جي دوري کانپوءِ اتي رهن??ڙ پاڪستانين جي روشن ڊجيٽل اڪائونٽ جي استعمال ۾ اضافي جو رجحان ڏس?? ۾ آيو آهي، جنهن سان پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن تي چڱي خاصو مثبت اثر پئجي رهيا آهن.