اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شرين مزاري چيو آهي ته فلسطين جي معاملي تي پاڪستان قائداڻو ڪردار ادا ڪيو آهي، ا??تري طاقتور ڪميشن جو ٺهڻ هڪ مشڪل ڪم هو، ا??و ڪميشن فلسطين جي نسل پرست اس??ائ??ل طرفان انساني حقن جي خلاف ورزين جي آزاداڻي جاچ ڪندو ۽ انساني حقن واري ڪائونسل جنيوا جي صدر کي رپورٽ ڪندو، پاڪستان جي تج??يز تي قرارداد جو اچڻ ۽ ان تي ڪميشن جي جوڙجڪ وزيراعظم عمران خان جي حڪومت جي هڪ وڏي سفارتي ڪاميابي آهي. هو اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهي هئي، هن چيو ته ان ڪميشن تي سن سيٽ ڪلاز شامل ناهي يعني اهو ڪميشن ڪنهن محدود مدي لاءِ جوڙيو ناهي ويو ۽ اهو ڪميشن وقتن بوقتن رپورٽ ڏيندو رهندو، هن چيو ته ڪميشن ڏسندو ته نسل پرست اس??ائ??لي حڪومت والاريل فلسطين سميت اوڀر يروشلم ۾ ڇا ڇا ڪري رهيو آهي، ا??و ڪميشن اسرئيل طرفان ڪيل عالمي انساني قانون ۽ عالمي انساني حقن جي خلاف ورزين جي نشاندهي ڪندو. اهو ڪميشن هيومن ??ائ??س ڪائونسل جي ميمبر ملڪن کي سفارشون ڏيندو، هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ان ڪميشن کي سهولتون مهيا ڪندو جڏهن ته يو اين هيومن ??ائ??س آفس ان کي لاجسٽڪ ۽ ٽيڪنيڪل سهولتون ڏيندو رهندو ته جيئن ڪميشن پ??هن??و ڪم جاري رکي. ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته اس??ائ??ل فلسطينين جي زمينن تي زبردستي قبضو ڪري رهيو آهي ان کي اتان کان ڪڍيو پيو وڃي، هن چيو ته اس??ائ??ل هڪ نسل پرست حڪومت آهي جيڪا فلسطين تي قابض آهي. جن ملڪن تي قابض فوج هوندي آهي ان تي فورٿ جنيوا ڪنوينشن لاڳو هوندو آهي جنهن تحت توهان ماڻهن کي انهن جي گهرن مان نٿا ڪڍي سگهو، ا?? جي علائقي مان نٿا ڪڍي سگهو ۽ نه ئي انهن کي جيلن ۾ بند ڪري سگهو ٿا، ا??ا فورٿ جنيوا ڪنوينشن ۾ واضح آهي، هن چيو ته فلسطينن جي ڪا به فوج نه آهي اهي عام شهري آهن جنهن ۾ ٻار به شامل آهن، اس??ائ??لي ملٽري ڪورٽس ۾ فلسطيني سويلين جا ٽ??ائ?? ٿي رهيا آهن.