اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال لاءِ تقريبن 8 ٽريلين روپين ج?? نئين سالياني بجيٽ اڄ ??يش ڪري رهي آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اها ٽئين سالياني بجيٽ آهي جيڪا اهڙي موقعي تي ??يش ڪئي پئي وڃي جڏهن دنيا ڪ??رو??ا جي ٽئين لهر کي منهن ڏئي رهي آهي، ۽ ان ج?? نتيجي ۾ پاڪستان سميت سڄي دنيا جو معيشتون م??اثر ٿيون آهن، ناڻي ۽ روينيو وارو وفاقي وزير شوڪت ترين قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ ??يش ڪندو. سرڪاري ذريعن موجب اقتصادي مشڪلاتن ۽ چئلينجن ج?? باوجود تحريڪ انصاف جي حڪومت اوڳاڙين لاءِ پرجوش هدف ۽ ترقياتي منصوبن لاءِ فنذن ۾ اضافي جو فيصلو ڪيو آهي، نئين وفاقي بجيت ۾ ڪ??رو??ا جي ڪري عوام ۽ ڪاروبار تي پوندڙ اثرن، عوامي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي، زرعي شعبي ۾ ترقي ۽ ان کي جديد بڻائڻ، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ بهتر ماحول جي فراهمي ۽ دستاويزي معيشت جي هدفن کي نظر ۾ رکيو پيو وڃي، مالياتي انتظام ۽ انصرام سان گڏوگڏ روينيو ۾ اضافي، معاشي استحڪام ۽ واڌ ويجهه، غير ترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي، روانگي واپار ۽ روزگار جي موقعن ۾ اضافو ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي ۽ عوام دوست پاليسون بجيٽ جي نمايان خصوصيتن ۾ شامل هونديون، نئين وفاقي بجيٽ ۾ سماجي شعبي جي ترقي تي خاص طور تي ڌيان ڏنو ويندو، بجيٽ ۾ اسلوب حڪمراني ۾ بهتري لاءِ سڌارن ۽ نجي شعبي جي سيڙپڪاري ۾ اضافي لاءِ سهولتن ۽ قدمن ج?? اعلان م??وقع آهي. حڪومت نئين بجيٽ ۾ نوان ٽيڪس لاڳو نه ڪرڻ جو پهرين کان فيصلو ڪيو آهي تنهن هوندي به روينيو ۾ اضافو، ٽيڪس جي بنياد ۾ سگهه ۽ ٽيڪس ڏيندڙن کي سهولتن ج?? فراهمي لاءِ قدم کنيا ويندا ڇو ته روينيو ۾ بهتر اضافي سان اقتصادي واڌ ويجهه جا هدف حاصل ٿي سگهندا. ذريعن موجب حڪومت نئين م??لي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ 5800 ارب روپين ج?? اوڳاڙين ج?? هدف مقرر ڪري رهي آهي، نئين وفاقي بجيٽ جي ڏس ۾ هلندڙ مالي سال 21 -2020ع جي اقتصادي جائزه رپورٽ ڪالهه خميس ڏينهن جاري ڪئي وئي.