اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ حڪومت ۽ مخالف ??ر جي وچ ۾ طئي ڪيو ويو آهي ته هڪٻئي جي پارلياماني ??ڳواڻن جو احترام ڪيو ويندو انهن جي تقريرن ۾ غير قانوني ??ريقي س??ن مداخلت نه ڪئي ويندي، رولز جو احترام نه ڪرڻ، ايوان ۾ اُلرون ڪ??ڻ تي س??ت ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته 10 جون تي قومي اسيمبلي ۾ ٿيندڙ قانونسازي تي مخالف ??ر جي خدشن کي س??مهون رکندي 12 رڪني ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ مخالف ??ر جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري جي خلاف عدم اعتماد واري رٿ واپس ورتي وئي آهي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته گذريل ٻن ڏينهن دوران ايوان ۾ پيش آيل اڻوڻندڙ واقعن کانپوءِ حڪومت مخالف ??ر سان رابطو ڪيو جنهن کانپوءِ اهم اڳڀرائي ٿي آهي ان ۾ مخالف ??ر پاران اهو موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته قانونسازي آئيني گهرجون پوريون ڪندي قانون موجب ڪئي وئي آهي، جنهن تي ان جي جائزي لاءِ 12 رڪني ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جيڪو انهن اعتراضن جو جائزو وٺندي ان ڪميٽي ۾ حڪومت ۽ مخالف ??ر کان 6، 6 ميمبر شامل ٿيندا ان کانسواءِ اها ڪميٽي قانوني ??ريقيڪار تي به غور ڪندي، جڏهن ته مخالف ??ر انهن بلن تي غور لاءِ ڪميٽي جي قيام کانپوءِ عدم اعتماد جي رٿ واپس وٺندي