اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته چين سفارتي لاڳاپن جا 70 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي ت?? منعقد ٿيندڙ تقريبن ۾ پنج پاڪستاني فلمن جي بيجنگ ۾ نمائش به ش??مل آهي. اتي موجود سمورا فلم ميڪرز عالمي سامعين لاءِ مواد تيار ڪري رهيا آهن، ??نهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اطلاعات واري وزارت توهان جي فلم دنيا کي ڏيکارڻ جي لاءِ اوهان سان سهڪار ڪندي.