لاهور – 25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان شيخوپوره ۾ پاڪستان جي سڀ کان وڏي رک جهوڪ سمارٽ ٻيلي جو افتتاح ڪري ڇڏيو، 24 هزار ڪينال تي ٻڌل اهو سمارٽ ٻيلو راوي ريور اربن ڊيولپمينٽ اٿارتي جو اهم منصوبو آهي. وزيراعظم عمران خان ٻيلي ۾ وڻ پوکي پراجيڪٽ جو باضابطا افتتاح ڪيو. ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، وزيراعظم جو خاص معاون شهباز گل ۽ راوي ريور اربن اٿارٽي جو سي اي او عمران امين به موجود هو. راوي اربن اٿارٽي پاران وزيراعظم کي سمارٽ ٻيلي بابت بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم کي ٻڌايو وي?? ته سمارٽ ٻيلي ۾ هر وڻ جي نگراني لاءِ سينسرز لڳايا ويندا ۽ اهو ٽيڪنيڪل ڪم چيني ڪمپني هواوي ڪندي جنهن جي لاءِ هواوي ۽ راوي اربن اٿارٽي جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون پڻ ڪيون ويون، راوي اربن منصوبي تحت ميون جي وڻن سان گڏوگڏ تفريحي ماڳ پڻ ٺاهيا ويندا ۽ ان منصوبي کي سياحت لاءِ پرڪشش بڻايو و??ند??. ان موقعي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چي?? ته پنجاب جي وڏي وزير جي ٽيم ۽ خاص طور تي راوي اربن پراجيڪٽ جي سي اي او عمران امين کي ان اهم منصوبي تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، هن چي?? ته هي منصوبو پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو منصوبو آهي، اسان اهو ڪم ڪرڻ وڃي رهيا آهيون جنهن سان ملڪ ۾ واضح تبديلي نظر اي??دي. هن چي?? ته اسان ايندڙ نسلن لاءِ بهتر پاڪستان ڇڏي وينداسين، سياستدان ڏسندا ته اسان هڪ نئون شهر به ٺاهي سگهون ٿا، اسان کي اهو وچن ڪرڻو پوند?? ته ملڪ کي سرسبز ڪرڻ لاءِ اسان پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين، الله تعاليٰ پاڪستان کي سڀني نعمتن سان نوازيو آهي، اسان کي انهن نعمتن تي ٿورا ادا ڪرڻ گهرجن. وزيراعظم ماضي ۾ ماحوليات تي ڪم نه ٿيڻ بابت ٻڌاي?? ته هن ماضي ۾ پنهنجي اکين آڏو ٻيلن کي تباهه ٿ??ند?? ڏٺو آهي، هتي هر قسم جا جانور هوندا هئا، ٻيلن سان گڏوگڏ جانور به گهٽ ٿيا، لاهور ۾ ماحُليات جي تباهي به ڏٺي، مٺو پاڻي سڀئي شهري پيئندا هئا، جنهن کانپوءِ آهستي آهستي اسان ان نعمت کان محروم ٿي وياسين، آلودگي جي شرح ايتري وڌيڪ آهي جو ٻار ۽ بزرگ ٻئي متاثر ٿي رهيا آهن، لاهور ۾ پاڻي جي سطح هيٺ وڃي رهي آهي، راوي درياءُ ۾ سڄي شهر جو سيوريج جو پاڻي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي، جڏهن راوي سنڌ ۾ داخل ٿ??ند?? آهي ته اهو سيوريج جو پاڻي اتي به هلي و??ند?? جنهن سان ماحولياتي آلودگي جا مسئلا سامهون اچي رهيا آهن، وزيراعظم چي?? ته راوي ريور پراجيڪٽ لاهور کانسواءِ پاڪستان لاءِ به تمام اهم آهي، اهو منصوبو مشڪل به آهي جيڪڏهن مشڪل نه هجي ها ته اهو پرويز مشرف جي دور ۾ ٺهي وڃي ها، (ن) ليگ جي دور ۾ شهباز شريف اسپيڊ به ان کي نه ٺاهي سگهيو. هن چي?? ته وڏا پروجيڪٽ تڏهن ڪامياب ٿيندا آهن جڏهن انسان ان جو ارادو ڪندا آهن، هن چي?? ته هڪ سال ۾ وڏا چئلينج آيا ماڻهن منع ناما وٺي ڇڏيا جنهن سان منصوبا دير جو به شڪار ٿيا، پر هاڻي اهي سڀئي رڪاوٽون ختم ڪيون ويون آهن، هن چي?? ته منصوبو شروع ڪرڻ ئي مشڪل ڪم هوندو آهي، جڏهن اهو شروع ٿ??ند?? آهي ته پوءِ ان کي ڪير نٿو روڪي سگهي، وزيراعظم سمارٽ لاڪ ڊائون جو مثال ڏ??ند?? چي?? ته ڪورونا وائرس جي وبا دوران جڏهن اسان سمارٽ لاڪ ڊائون لڳاي?? ته ان سان خاطر خواهه فائدا ٿيا ۽ اسان جي ان سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي کي سڄي دنيا ساراهيو ۽ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو مثال ڏنو و??ند?? هو، اهڙي طرح هاڻي هي سمارٽ ٻيلو ٺهي رهيو آهي جنهن ۾ هواوي ڪمپني سان گڏجي جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو و??ند??. هر وڻ جي واڌويجهه جو حساب لڳايو و??ند??، جديد ٽيڪنالاجي سان هر وڻ کي مانيٽر ڪيو و??ند??. وڻ وڍڻ جي صورت ۾ سينسرز ذريعي معلوم ٿي و??ند?? ته ڪهڙي هنڌ تي وڻ وڍيو پيو وڃي، هن چي?? ته 2013ع تائين پاڪستان جي تاريخ ۾ صرف 64 ڪروڙ وڻ هنيا ويا جڏهن اسان پنجن سالن ۾ خيبرپختونخوا ۾ هڪ ارب وڻ هنيا ۽ اسان جو ٽارگيٽ آهي ته اسان سڄي ملڪ ۾ 10 ارب وڻ هڻنداسين جنهن سان پاڪستان بدلجي و??ند??، موسم ۾ واضح تبديلي نظر ا??ند??، هن چي?? ته اسان جا ٽي وڏا مسئلا آهن پيئڻ جي صاف پاڻي جو مسئلو اچڻ وارو آهي، سيوريج جو پاڻي دريائن ۾ وڌو پيو وڃي، ماحوليات جا مسئلا وڌي رهيا آهن، وزيراعظم عمران خان چي?? ته راوي ريور پروجيڪٽ جي ذريعي انهن سمورن مسئلن تي ضابطو آندو و??ند??، ان منصوبي ۾ پاڻي کي روڪڻ لاءِ ٽي بيراج ٺاهيا ويندا، صاف پاڻي لاءِ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽس لڳايا ويندا، پ??ري??ن ڀيرو جامع پلان ٺاهي رهيا آهيون ان منصوبي سان ڪنسٽرڪشن انڊسٽري پروان چڙهندي، 10 لک ماڻهن کي روزگار ملندو، 40 ارب ڊالر ملڪي معيشت ۾ ايندا جنهن تحت اهو منصوبو پاڪستان لاءِ وڌيڪ سالياني بجيٽ پيدا ڪندو، هن پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار کي مخاطب ٿ??ند?? چي?? ته ان منصوبي سان کيس مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو جنهن لاءِ کيس پنهنجي ٽيم کي تيار ڪرڻ گهرجي ۽ اسان پرعزم آهيون ته ڪا ??ه رڪاوٽ ان پراجيڪٽ کي نٿي روڪي سگهي.