اسلام آباد_12 سيپٽمبر (اي پي پي)پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ڊنمارڪ سان ٻه طرفا لڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو، ڊنمارڪ جي حڪومت پاڪستان ۾ سيڪيورٽي ۽ وب??ئي صورتحال ۾ بهتري ڏسندي پ??ڪستان لاءِ سفري هدايت نامي تي ن??ر ثاني ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊنمارڪ جي پ??ڏيهي وزير جيب ڪوفوڊ سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه د??ران ڪيو، ٻنهي پ??ڏيهي وزيرن وچ۾ ٻه طرفا لاڳاپن ۽ افغانستان جي موجوده صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي،مخدوم شاه محمود قريشي چيو ته پاڪستان، ڊنمارڪ سان ٻه طرفا لاڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو ۽ انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي، هن پنهنجي ڊنمارڪ جي هم منصب کي افغانستان سان مختلف ملڪن جي سفارتي عملي، عالمي تنظيمن، ميڊيا ۽ ٻين ما??هن کي محفوظ طريقي سان ڪڍڻ لاءِ پاڪستان جي مدد کان آگاه ڪيو، ڊنمارڪ جي پ??ڏيهي وزير جيب ڪوفوڊ ڪابل مان ڊنمارڪ جي شهرين کي حفاظت سان ڪڍڻ ۾ ڀرپور مدد جي فراهمي تي پ??ڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي جو شڪريو ادا ڪيو، شاه محمود قريشي ڊنمارڪ جي حڪومت تي زور ڀريو ته پاڪستان ۾ سيڪيورٽي۽ وب??ئي صورتحال ۾ بهتري کي ڏسندي پ??ڪستان لاءِ سفري هدايت نامي تي ن??ر ثاني ڪري، ان موقعي تي هن پنهنجي هم منصب کي پ??ڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت ڏني، جنهن کي هن شڪريو ادا ڪندي قبول ڪيو ۽ جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جو اشارو ڏنو، جڏهن ته هن پڻ مخدوم شاه محمود قريشي کي ڊنمارڪ جي دوري جي دعوت ڏني.