اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ٿائيلينڊ قابل اعتماد دوست آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ لاڳاپا گڏيل اعتماد، افهام و تفهيم ۽ تعاون تي قائم آهن. اها ڳالهه هن پاڪستان ۽ ٿائي لينڊ جي ??چ ۾ سفارتي لاڳاپن جي ??يام جي 70 هين سالگرهه جي ??اد ۾ گڏيل لوگو جاري ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي ??ڪ پيغام ۾ چئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ان سلسلي ۾ ورچوئل تقريب منعقد ٿي، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ ٿائيلينڊ جي ??ائب وزيراعظم ۽ مملڪتي وزير ڊان پرموڊونائي جا پيغام پڙهي ٻڌايا ويا، تقريب جي گڏيل صدارت عالم افتخار احمد، ايڊيشنل سيڪريٽري (ايشيا پيسفڪ)، ۽ ڊرام بونٿم، ڊائريڪٽر جنرل (ڏکڻ ايشيائي، وچ اوڀر ۽ آفريقي معاملا) ڪري رهيا ه??ا. تقريب ۾ ٻنهي ملڪن جي ??رڏيهي وزارت ۽ اسلام آباد ۽ بئنڪاڪ جي سفارتخانن جي عملدارن به شرڪت ڪئي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پنهنجي ??ڊيو پيغام ۾ چيو ته پاڪستان ۽ ٿائي لينڊ قابل اعتماد دوست ۽ ٻنهي ملڪن جي ??يادت ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان جا لاڳاپا گڏيل اعتماد، افهام و تفهيم ۽ تعاون تي قائم آهن. ٻنهي ملڪن جي ??اڻهن جي ??چ ۾ لاڳاپا تاريخي لحاظ کان گهرا ۽ مستحڪم بنيادن تي قائم آهن، ٿائي لينڊ جي ??ائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڊان پرموڊونائي ان موقعي تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني. 7 ڏهاڪن جي ??طرفي لاڳاپن کي اجاگر ڪندي هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ايندڙ سالن ۾ ٿائي لينڊ ۽ پاڪستان جي ??چ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ۽ گهرا ٿيندا. گڏيل لوگو جي ??قاب ڪشائي کانسواءِ ”7 ڏهاڪا – 7 سنگ ميل“ جي ??وضوع تي هڪ وڊيو به ڏيکاري وئي.