دبئي – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو آهي ته گڏيل عرب امارات ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، دب??ي ايڪسپو 2020ع خطي ۽ ٻين ملڪن ک?? ملٽي نيشنل ڪمپنين سان رابطن ۽ حصيداري قائم ڪرڻ جو هڪ منفرد موقعو فراهم ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن دب??ي ۾ گڏيل عرب امارات جي وزيراعظم شيخ محمد بن راشد المڪتوم سان ملاقات دوران ڪيو. صدر گڏيل عرب امارات جي وزيراعظم کي دب??ي ايڪسپو 2020ع جي ڪامياب افتتاح تي مبارڪب??د ڏني. صدر چيو ته ايڪسپو 2020ع نه رڳو گڏيل عرب امارات پر پوري خطي جي لاءِ هڪ اهم ايونٽ آهي، دب??ي ايڪسپو 2020ع خطي ۽ ٻين ملڪن ک?? ملٽي نيشنل ڪمپنين سان رابطن ۽ حصيداري قائم ڪرڻ جو هڪ منفرد موقعو فراهم ڪندو. هن گڏيل عرب امارات جي حڪومت ۽ ايڪسپو مئنيجمينٽ ٽيم جي زبردست ڪوششن کي ساراهيو جيڪي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ متنوع ۽ وسيع پئماني تي حصو وٺندڙ نمائش جو اهتمام ڪري رهيا آهن، جيڪا 6 مهينن تائين ل??ائ?? ويندي. صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي گڏيل عرب امارات جي وزيراعظم کي پاڪستان پويلين بابت ٻڌايو ۽ چيو ته پاڪستان پويلين پاڪستان جي لڪل ۽ دريافت ٿيل خزانن جي نمائش ڪندو. صدر اماراتي وزيراعظم کي گڏيل عرب امارات جي گولڊن جوبلي تقريبن تي پڻ مبارڪب??د ڏني ۽ چيو ته گڏيل عرب امارات جي قيادت پنهنج?? ملڪ کي علائقائي واپار، ٽرانسپورٽ، لاجسٽڪس، ٽيڪنالاجي ۽ سياحت جي مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي ۽ شيخ راشد المڪتوم افغانستان جي صورتحال سميت ٻطرفي ۽ علائقائي دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر وزيراعظم کي ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قابض ڀارتي هٿياربند فوج پاران ڪشميري مسلمانن جي بنيادي انساني حقن جي مسلسل ۽ صريحن خلاف ورزين کان پڻ آگاهه ڪيو. صدر گڏيل عرب امارات ۾ 16 لک پاڪستانين جي ميزباني تي گڏيل عرب امارات جي قيادت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته گڏيل عرب امارات ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي صدر پاڪستان جي گڏيل عرب امارات سان سمورن شعبن ۾ ويجهي ۽ گهري تعاون جي خواهش کي ورجايو. صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي گڏيل عرب امارات جو ٻن ڏينهن جو ٻطرفو دورو ڪري رهيو آهي. گڏيل عرب امارات جي وزيراعظم سان ملاقات کانپوءِ هن دب??ي ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستان پويلين جو باقاعده افتتاح ڪيو.