اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان پاڪستان تحريڪ انصاف ڊينمارڪ جي صدر چوڌري عمران محبوب ملاقات ڪئي ۽ موجوده ملڪي ۽ سياسي صورتحال ۽ اهم پارٽي معاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪ??ي. ملاقات ۾ خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني?? جي قومي معاملن ۾ دلچسپي ۽ ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف نظام جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪي معاشي ترقي ۾ اوورسيز پاڪستانين جو اهم ڪردار آهي، اڄ اسان جا سفارتخانا اوورسيز پاڪستاني?? جي سهولت ل??ءِ انهن سان گڏ بيٺل آهن. هن چيو ته اسان سدائين اوورسيز پاڪستاني?? جي مسئل?? جي حل تي زور ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي ل??ءِ پرعزم آهي. پي ٽي آءِ ڊينمارڪ جي صدر چوڌري عمران محبوب چيو ته آمريڪا ۽ يورپ سميت اوورسيز پاڪستانين ۾ وزيراعظم عمران خان مقبول ترين شخصيت آهي، ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني وزيراعظم عمران خا?? جي قيادت ۾ ملڪي ترقي جي ل??ءِ پراميد آهن.