راولپنڊي – 09 جنوري (اي پي پي) فوج جي عوامي لاڳاپن ??ار?? کاتي (آءِ ايس پي آر) چيو آهي ته مريءَ ۾ سمورا مواصلاتي ذريعا هر قسم جي چرپر جي لاءِ کوليا ويا آهن، ڪلڊنه باڙيان روڊ ٽريفڪ جي لاءِ کوليو ويو آ??ي. ??ءِ ايس پي آر پاران مريءَ جي صورتحال تي جاري تازي ترين اپ ڊيٽس موجب مين رستن کي کولڻ کانپوءِ آرمي جا انجنيئرز هاڻي لنڪ روڊ تي ڌيان ڏئي ره??ا آهن. ريليف ڪئ??پ ۽ ميڊيڪل جون سهولتون مڪمل طور تي فعال آهن جڏهن ته فوجي گاڏيون ڦاٿل سياحن کي راولپنڊي ۽ اسلام آباد پهچائڻ جي لاءِ استعمال ڪيون پيون وڃن.