اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شهباز شريف عادي شعبده باز آهي، کيس حادثن تي سياست يا شعبده بازي کانسواءِ ڪجهه نه ٿو اچي، 30، 30 سال حڪومت ڪري به اهي ليڊر نه بڻجي سگهيا، اڄ جو ”پيبلو ايسڪوبار“ اسان کي ٻڌائي رهيو آهي ته نيرو ننڊ ۾ هو، هن پنجاب ۽ مريءَ ۾ وسيلا خرچ ڪيا هجن ها ته اڄ اسان کي هي ڏينهن نه ڏسڻو پوي ها، شريف فيملي رڳو پنهنجا محل ??اه??ا، انهن جي دور ۾ ٿ??ندڙ ترقي انهن جي گهرن تائين محدود هئي، تحريڪ انصاف کانسواءِ مريءَ ريسڪيو آپريشن ۾ ڪا ٻي پارٽي موجود نه هئي، اسان نئون پاڪستان جو و??عدو ڪيو آهي، انشاءَ الله عمران خان جي قيادت ۾ اسان نئون پاڪستان ??اه?? رهنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات ??اري وفاقي وزير چيو ته اميد هئي ته شهباز شريف هڪ ليڊر وانگر ڳالهه ڪندو پر هي عادي شعبده باز آهي، کيس حادثن تي سياست ۽ شعبده بازي کانسواءِ ڪجهه نه ٿو اچي، انهن 30، 30 سال حڪومت ڪئي پر پوءِ به اهي ليڊر نه بڻجي سگهيا، 30 سال انهن ڄامڙا پاليس جيڪي وڏا نه ٿي سگهيا. چوڌري فواد حسين چيو ته مريءَ واقعي تي هر اک روئڻهارڪي آهي، مريءَ ۾ 64 هزار گاڏيون 5 ڏينهن ۾ داخل ٿيون. اسان کي فخر آهي ته پنجاب جو وڏو و??ير، وفاقي وزير، پاڪستان تحريڪ انصاف جا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز سميت اسان جا ورڪرز مريءَ ۾ عوام سان گڏ بيٺل هئا. سول انتظاميا، پاڪ فوج ۽ سول ادارن مريءَ ۾ ريسڪيو آپريشن ڪري لکين ما??هن کي ڪڍيو. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ (ن) ليگ جو ڪو ما??هو مريءَ ۾ نظر نه آيو، انهن اتي وڃڻ جي زهمت به نه ڪئي. هن چيو ته 24 ڪلاڪن جي اندر ريسڪيو آپريشن ڪري سمورا رستا ڪليئر ڪيا ويا. چوڌري فواد حسين چيو ته شهباز شريف جڏهن وڏو و??ير هو ته روز نئون واقعو ٿيندو هو، ان جي دور ۾ اسپتال ۾ آڪسيجن نه هجڻ سبب 100 ٻار مارجي ويا هئا ۽ هي منهن ڏسي رهيا هئا. هن چيو ته ما??ل ٽائون جو و??قعو ٿيو، معصوم ما??هن تي گوليون وسايون پئي ويون ۽ شهباز شريف جو چوڻ هو ته کيس روڪڻ منهنجو ڪم نه آهي. اطلاعات ??اري وفاقي وزير چيو ته شريف فيملي رڳو پنهنجا محل ??اه??ا، انهن جي دور ۾ ٿ??ندڙ ترقي انهن جي گهرن تائين محدود هئي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ٽن سالن ۾ 13 نوان ريزارٽس ??اه??ا، وزيراعظم عمران خان بلين ٽري سونامي پروگرام شروع ڪيو، ملڪ ۾ سياحت کي فروغ ڏنو. هن چيو ته اڄ پاڪستان ۾ سياحت جي شعبي ۾ انقلاب اچي چڪو آهي ۽ هي اسان کي سبق ڏئي رهيا آهن ته اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي ها. چوڌري فواد حسين چيو ته ملڪ ۾ اندروني سياحت جي هڪ نئين حقيقت جنم ورتو آهي، اڄ الحمدالله لکين ما??هو اندرون ملڪ سياحت مان فائدو کڻي رهيا آهن. هن چيو ته اسان کي اهڙي انتظامي اسٽرڪچر جي ضرورت آهي جيڪو وڏي ابادي جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهي. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان نئون پاڪستان جو و??عدو ڪيو آهي، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ اسان نئون پاڪستان ??اه?? رهنداسين. هن چيو ته معيشت انتظاميا سياحت سميت هر شعبي ۾ انهن ما??هن جا پوکيل ڪنڊا اسان صاف ڪري رهيا آهيون، مخالف ڌر ايندڙ 7 سال به روئيندي رهندي، انهن جو ڪم روئڻ آهي. انشاءَ الله عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان ترقي جون منزلون طئي ڪندو.