اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار چيو آهي ته ڀ??رت موجوده صورتحال کي و??يڪ مُشڪل بڻائڻ جي لاءِ هڪ و??يڪ جعلي فليگ آپريشن ڪري سگهي ٿو، ??اڪ??تان ڪشمير تڪرار ۽ مظلوم ڪشميرين جي حقن کي سمورن عالمي فورمز تي اجاگر ڪندو رهندو، ??اڪ??تان ڀارت سميت پنهنجي پاڙيسرين سان پرامن لاڳاپن لاءِ پرعزم آهي. هفتيوار بريفنگ ڏيندي هن چيو ته ??اڪ??تان، چين سان ترقياتي حصيداري کي و??يڪ مضبوط بڻائڻ چاهي ٿو، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان چيني قيادت جي دعوت تي سرمائي ۽ اولمپڪس گيمز بيجنگ 2022ع جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ ايندڙ مهيني جي 3 تاريخ کان چين جو ٽن ڏينهن جو دورو ڪندو. ترجمان چيو ته وزيراعظم عمران خان دوري دوران پاڪ چين اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي و??يڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ چين جي قيادت سان به ڳالهه ٻولهه ڪندو. ان کانسواءِ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. ترجمان چيو ته ??اڪ??تان بيجنگ ۾ ڪامياب سرمائي اولمپڪس جو منتظر آهي، ترجمان چيو ته ??اڪ??تان پائيدار ترقي لاءِ گڏيل قومن جي 2030ع جي ايجنڊا تي عملدرآمد کي آسان بڻائڻ لاءِ چيني صدر شي جن پنگ پاران پيش ڪيل عالمي ترقياتي قدمن جي آجيان ڪري ٿو. هن چيو ته ان سان دنيا کي درپيش ٽن چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گهربل عالمي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي. جنهن ۾ ڪووڊ – 19، لاڳاپيل اقتصادي بحران ۽ موسمياتي تبديلي شامل آهن، ترجمان چيو ته گلوبل ڊولپمينٽ انيشيٽو ڪووڊ 19 جي صورتحال کانپوءِ معاشي بحالي سان گڏوگڏ ڊگهي مدي واري پائيدار ترقي لاءِ اسرندڙ ملڪن سان تعاون جون نيون راهون کوليندو. هن چيو ته ??اڪ??تان ۽ چين مضبوط ترقياتي حصيدار آهن، اسان چين جي عالمي ترقياتي قدمن تحت ان حصيداري کي و??يڪ مضبوط بڻائڻ چاهيون ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ??اڪ??تان ڀارت سميت پنهنجي سمورن پاڙيسري ملڪن سان پرامن لاڳاپن لاءِ پرعزم آهي، تنهن هوندي به هن واضح ڪيو ته ڳالهين جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي ذميداري ڀارت تي لاڳو ٿئي ٿي. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته ڀ??رت جي تعصباڻي ۽ منفي رويي ۾ ڪا به تبديلي نظر نه اچي رهي آهي، ترجمان چيو ته ??اڪ??تان ڪشمير تڪرار ۽ مظلوم ڪشميرين جي حقن کي سمورن عالمي معاملن تي اجاگر ڪندو رهندو. ترجمان چيو ته ڀ??رت قابض فوج والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قتل ۽ غارت جو سلسلو جاري رکيو آهي، هن سال جي آغاز کان هن وقت تائين گهٽ ۾ گهٽ 15 ڪشميري جعلي مقابلن ۽ نام نهاد گهيراءُ ۽ گهر گهر تلاشي جي ڪاررواين ۾ عدالت کان مٿانهين قتل جو شڪار ٿي چڪا آهن، ترجمان عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ڀارت جي غير قانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي جو فوري نوٽيس وٺي ۽ والاريل وادي ۾ انساني حقن ۽ عالمي انساني قانونن جي سنگين خلاف ورزين لاءِ ڀارت کي جوابده بڻائي، هن چيو ته هن??ست??ن کي عالمي انساني حقن ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي والاريل وادي ۾ آزاداڻي جاچ ڪرڻ جي لاءِ بنا روڪ ٽوڪ پهچ جي اجازت ڏيڻ گهرجي، افغانستان جي حوالي سان ترجمان چيو ته اتي انسان تباهي کي روڪڻ لاءِ فوري ڪارروائي جي ضرورت آهي.