لاهور – 03 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معاشي ترقي جي لاءِ ٽ??ڪس نظ??م ۾ سڌارا ضروري آهن، ترقي يافته ملڪن ۾ هر شهري ٽ??ڪس ڏيندو آهي، واڌ جي شرح جي حساب سان ملڪ ۾ صرف 9 سيڪڙو ٽيڪس جم?? ٿيندو آهي، آف شور ڪمپنين جي ذريعي خاص طبقي ٽ??ڪس چوري ڪئي، ٽ??ڪس چوري جي رقم سوئس بئنڪن ۽ يورپ ڏانهن منتقلي ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان ٽ??ڪس چوري ۽ مني لانڊرنگ جي حوالي سان آواز بلند ڪيو، نظام جي تبديلي لاءِ احتساب ضروري آهي، اسلامي تاريخ ۾ خلفاءِ راشدين احتساب جي لاءِ پاڻ کي پيش ڪيو، ٽ??ڪس ڏيندڙن کي وڌ کان وڌ سهولت فراهم ڪيون وڃن. هن اهڙن خيالن جو اظهار ٽ??ڪس نظام جي حوالي سان گورنر هائوس ۾ منعقد آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪي ترقي جي لاءِ ٽ??ڪس ڏيڻ ضروري آهي، ٽ??ڪس چوري سان ملڪي معيشت متاثر ٿيندي آهي، بدقسمتي سان پاڪستان ۾ تمام گهٽ شهري ٽ??ڪس ادا ڪندا آهن، واڌ جي شرح جي حساب سان ملڪ ۾ صرف 9 سيڪڙو ٽيڪس جم?? ٿيندو آهي، هن چيو ته ماضي ۾ آف شور ڪمپنين جي ذريعي خاص طبقي ٽ??ڪس چوري ڪئي ۽ ٽ??ڪس چوري جي رقم سوئس بئنڪن ۽ يورپ ڏانهن منتقل ڪئي وئي جنهن سان ملڪ قرضن هيٺ دٻجي ويو، ملڪ ۾ تبديلي آڻڻي آهي ته هر شهري کي ذميداري جو احساس ڪندي ٽ??ڪس ادا ڪرڻو پوندو آهي ڇو ته ترقي يافته ملڪن ۾ هر شهري ٽ??ڪس ڏيندو آهي، صدر چيو ته ٽ??ڪس جي رقم ملڪ ۽ قوم جي ترقي جي لاءِ خرچ ٿيڻ گهرجي ۽ ٽ??ڪس ڏيندڙن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن چيو ته سرڪاري ڪم ۾ دير سان رشوت کي فروغ حاصل ٿيندو آهي جنهن سان ڪرپشن وڌي ويندي آهي، هن وڌيڪ چيو ته ايوان صدر ۾ روزا??ي جي بنياد ۽ ميرٽ تي فائل ورڪ اڪلايو ويندو آهي، صدر چيو ته حڪومت جڏهن به ٽ??ڪس نظ??م ۾ سڌارا آڻڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ته سڀ کان په??ين واپاري برادري پاران خدشن جو اظهار ڪيو ويندو آهي جيڪا افسوس جي ڳالهه آهي، قوم جي حيثيت سان ملڪي ترقي جي لاءِ خوشي سان اسان کي ٽ??ڪس نيٽ ۾ اچڻ گهرجي، ٽ??ڪس وڌيڪ وٺڻ تي بحث ته ڪري سگهجي ٿي، پر ٽ??ڪس نيٽ ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ ڪو به بحث نٿو ٿئي، صدر چيو ته ٽ??ڪس کي حاصل ڪرڻ به ملڪ جي معاشي ترقي لاءِ ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، عوام کان ٽ??ڪس وصول ڪرڻ لاءِ اسان کي هڪ اعتماد جي فضا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ وفاقي محتسب ۽ ايف بي آر گڏجي عوام جو اعتماد حاصل ڪرڻ ۽ ڪرپشن روڪڻ جي لاءِ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته اڄ جي دور ۾ ڪم جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال لازمي آهي، اها هڪ حقيقت آهي ته ادارن ۾ هروڀرو جي رڪاوٽن جي ڪري ماڻهو ٽ??ڪس نيٽ ۾ شامل ٿيڻ کان پاسو ڪندا آهن اهي سمجهن ٿا ته جيڪڏهن سان ٽ??ڪس نيٽ ۾ شامل ٿي وياسين ته اسان کي هروڀرو پريشان ڪيو ويندو ان خوف کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن جي لاءِ اداره جاتي سڌارا به آڻڻا پوندا. هن وڌيڪ چيو ته ترقي ياته ملڪن ۾ قرضن کي حاصل ڪرڻ، ٽ??ڪس نيٽ ۾ شامل ٿيڻ ۽ ٽ??ڪس جي ادائيگي لاءِ ماڻهن کي آفيسن جا چڪر لڳائڻا نٿا پون جنهن جي ڪري اهي خوشي سان ٽ??ڪس جي ادائيگي ڪندا آهن، اسان کي به ان مادل کي اختيار ڪرڻو پوندو ۽ عوام کي ان ڳالهه جو يقين ڏيارڻو پوندو ته انهن جو ٽ??ڪس ملڪي ترقي لاءِ خرچ ٿيندو. صدر عارف علوي چيو ته ماضي ۾ پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪن کان ٽ??ڪس چوري ۽ مني لانڊرنگ جي رقم ترقي يافته ملڪن ڏانهن منتقلي ڪئي وئي جنهن سان انهن ملڪن جي معيشت ته مستحڪم ٿي وئي پر اسرندڙ ملڪن قرضن هيٺان دٻجي ويا، عمران خان پهريون وزيراعظم آهي جنهن ٽ??ڪس چوري ۽ مني لانڊرنگ جي خلاف مختلف عالمي فورمن تي آواز بند ڪيو.