اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو آهي ته ادارن جي مضبوطي، شفافيت ۽ ميرٽ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان کي مضبوط، خوشحال ۽ پرامن بڻائڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار ??ن پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور سان ملا??ات دوران ڪيو. ملا??ات ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي درپيش ??سئ??ن جي حل سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ادارن جي مضبوطي، شفافيت ۽ ميرٽ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان کي مضبوط، خوشحال ۽ پرامن بڻائڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا.