اسلام آباد – 19 – مارچ (اي ??ي پي) وزيراعظم عمرا?? خان پنهنجي ڪارڪنن ۽ حامين جي نالي پيغام ۾ چيو آهي ته ملڪ جا بدمعاش ۽ غدار ڄار ۾ ڦاسي رهيا آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن صوفي بزرگ حضرت شمس تبريزي جي قول جو حوالو ڏنو جنهن ۾ هن چيو ته چالن ۽ دوکيبازن جي فڪ?? نه ڪريو جيڪڏهن ڪجهه ماڻهو توهان کي ڦ??سا??ڻ ۽ تڪليف پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته الله انهن کي به ڦ??سا??ي رهيو آهي. کڏا کوٽيندڙ سدائين پنهنجي کوٽيل کڏن ۾ ڪِرندا. هن چيو ته ڪو بُرو سزا کان بغي?? نه ٿو رهي ۽ ڪا سٺائي بغير انعام جي ناهي رهندي تنهن ڪري انصاف تي يقين رکو ۽ ان کي باقي رهڻ ڏيو.