اسلام آباد – 12 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي مبارڪباد واري پيغام تي ان جو ٿورو ادا ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ڀارت سان پرامن ۽ تعاون تي ٻڌل لاڳاپن جو خواهشمند آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير سميت پر??ڻي تڪرارن جو پرامن حل اڻٽر آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جون قر??ان??ون ڪنهن کان لڪل نه آهن، اسان کي امن کي يقيني بڻائيندي پنهنجي عوام جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.