اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان ملائيشيا جي پلانٽيشن انڊسٽريز اينڊ ڪموڊيٽيز واري وزير زورائيده بنت قمر الدين وفد سميت پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين چيو ??ه پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آه?? جيڪي وقت گذرڻ سان گڏوگڏ فروغ وٺي رهيا آهن، ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ تازي اعليٰ سطحي وفد جي مٽاسٽا سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ حاصل ٿيو آهي. پارلياماني وفد?? جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪ?? جي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ملندي ۽ ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ واپاري ماپي ۾ اضافو ۽ معيشت کي نمايان فروغ ميسر ٿيندو. سينيٽ چيئرمين چيو ??ه پاڪستان، ملائيشيا سان دوستاڻي لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل حصيداري کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻئي ملڪ عالمي فورمن تي سدائين هڪٻئي جي موقف جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي. هن چيو ??ه پنهنجي جاگرافيائي اهميت جي ڪري پاڪستان ۽ ملائيشيا، پنهنجي لاڳاپيل مارڪيٽن تائين په?? جي سهولت فراهم ڪري هڪٻئي کي اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي فائدا فراهم ڪري سگهن ٿا. تعليم، دفاعي مصنوعات، واپار ۽ سيڙپڪاري اليڪٽرانڪس ۽ آءِ ٽي انڊسٽري، حلال فوڊ، آئل اينڊ گئس، قابل تجديد توانائي، سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون هڪ ٻئي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪ?? جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي راهه هموار ڪندو. پاڪستان ”آسيان“ جو ڊائلاگ پارٽنر بڻجڻ لاءِ ملائيشيا پاران حمايت جو منتظر آهي. ملائيشين وزير زورائيده بنت قمر الدين ??ينيٽ چيئرمي?? جي خيالن سان اتفاق ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، معيشت جي بهتري لاءِ واپاري ماپي ۾ اضافو ۽ موجوده سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ اڻٽر آهي. هن چيو ??ه پاڪستان خطي جو اهم ملڪ آهي ملائيشين ??يڙپڪار، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جا خواهشمند آهن.