اسلا?? آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) پاڪ??تا?? مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم ا??رنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پشاور موڙ کان نيو اسلا?? آباد ايئرپورٽ تائين ميٽرو بس سروس منصوبي ۾ 5 سا??ن جي دير جي جاچ ۽ غفلت جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، اڳوڻن حڪمرانن پوڻا چار سا??ن جي نالائقي ۽ نااهلي لڪائڻ جي لاءِ غيرملڪي سازش جي ڪوڙ جو رٽ لڳائي رکي آهي، انهن وٽ ڏيکارڻ ۽ ٻڌائڻ جي لاءِ ڪجهه نه آهي. هڪ بيان ۾ مريم ا??رنگزيب چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف 7 وڳي اسلا?? آباد ميٽرو بس سروس تي جاري ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِ پشاور موڙ ميٽرو بس جي سائيٽ تي پهتو. هن چيو ته هي منصوبو اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي دور ۾ 2017ع ۾ شروع ٿيو هو جنهن کي 2018ع ۾ مڪمل ٿيڻو هو، ان ۾ 5 سا??ن جي دير ٿي ۽ مصنوبي تي ڪم مڪمل نه ٿيو. مريم ا??رنگزيب چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف منصوبي ۾ دير جا جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ غفلت جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. مريم ا??رنگزيب چيو ته وزيراعظم رمضان المبارڪ ۾ ميٽرو بس سروس شهرين جي لاءِ مفت هلائڻ جو حڪم ڏنو آهي، رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ شهري مفت سفري سهولتون حاصل ڪندا. هن چيو ته وزيراعظم اسلا?? آباد ميٽرو کي ٽن رستن کان موٽروي سا?? ڳنڍڻ جي فوري فزيبلٽي جي تياري جو حڪم پڻ ڏنو آهي ۽ باره ڪهو، پشاور موڙ ۽ روات جي روٽس تي ميٽرو هلائڻ جي لاءِ فوري فزيبلٽي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. مريم ا??رنگزيب چيو ته وزيراعظم اسلا?? آباد ۽ ڀرپاسي جي شهرين کي بهترين ۽ معياري سفري سهولتون يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته اڳوڻن حڪمرانن پنهنجي پوڻي چئن سا??ن جي نالائقي ۽ نااهلي لڪائڻ جي لاءِ غيرملڪي سازش جي ڪوڙ جي رٽ لڳائي رکي آهي، نااهلي، نالائقي، سنگدلي ۽ ڪرپشن اڳوڻن حڪمرانن کان غيرملڪي سازش جو ڪوڙ ڳالهرائي رهي آهي ڇو ته انهن وٽ ڏيکارڻ ۽ ٻڌائڻ جي لاءِ ٻيو ڪجهه نه آهي.