ڊيووس – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ آمريڪا سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي، افغانستان ۾ امن سان وچ ايش??ائ?? رياستن تائين رسائي ممڪن هوندي، سعودي ??رب ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرائڻ لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪيو آهي، حڪومت معيشت کي مضبوط بڻائڻ ۽ سڌي سنئين سيڙپڪاري ۾ اضافي جي حڪمت عملي تي عمل پيرا آهي، اسان ڪرنسي کي مستحڪم ڪيو ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 75 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي، غير ملڪي سيڙپڪارن کي پرڪشش مراعتون ڏنيون پيون وڃن، پاڪستان جي سرزمين ڪيترين ئي قديم تهذيبن جو ڳڙهه آهي، سياحت کي فروغ ڏئي ملڪي معيشت کي ترقي ڏئي سگهجي ٿي، پاڪستاني قوم دهشتگردي جي خ??اف جنگ ۾ 70 هزار جانين جو نذرانو پيش ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي ف??رم جي موقعي تي پاڪستان اسٽريٽجي ??ائ??اگ کي خطاب ڪندي ڪيو.